شاهه حسن مرزا ارغون

شاهه حسن مرزا، ارغون: سنڌ ۾ ارغون گهراڻي جو ٻيو حاڪم مرزا شاهه حسن بيگ ارغون ٿي گذريو. پاڻ 22 شعبان المعظم930هه/ 25 جون 1524ع تي ارغون گهراڻي جي پهرئين بادشاهه مرزا شاهه بيگ ارغون جي وفات کان پوءِ نصرپور ۾ تخت نشين ٿيو. هن سنڌ تي چوٽيهه سال حڪومت ڪئي. ننڍپڻ کان وٺي بيماريءَ جي وقت تائين هر ميدان ڪارزار ۾ فتحمند ٿيندو رهيو ۽ لڙاين ۾ جوهر ڏيکاريائين. شاهه بيگ مرزا جڏهن ڪابل ۽ قنڌار جو بادشاهه هو ۽ بابر، قنڌار جي قلعي جي سامهون اچي ٿيو، تڏهن شاهه حسن ارغون پنهنجي پيءُ شاهه بيگ ارغون کان ناراض ٿي، وڃي بابر جي ملازمت اختيار ڪئي ۽ ٻه سال بابر جي درٻار ۾ رهيو. بابر بادشاهه اڪثر چوندو هو ته شاهه حسن اسان وٽ نوڪري ڪرڻ نه آيو آهي، بلڪ اسان کان حڪومتي دستور ۽ بادشاهي قانون سکڻ آيو آهي ۽ آخر ٻن سالن کان پوءِ شاهه حسن، بابر کان اجازت وٺي قنڌار روانو ٿيو. مرزا شاهه حسن ٻه شاديون ڪيون، پهرين شادي پنهنجي چاچي مرزا محمد مقيم (متوفي 914هه/ 1508ع) جي ڌيءُ ماهه بيگم سان ڪيائين، جيڪا سندس سڳي سؤٽ هئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي چوچڪ بيگم نالي ٿي، جنهن جي شادي مرزا ڪامران سان ٿي. مرزا شاهه حسن جي نڪاح ۾ ٻي زال مير خليفي جي نياڻي محب علي خان جي ڀيڻ گلبرگ بيگم هئي. پر ٻنهي جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيڻ ڪري ٻه سال گذرڻ کان پوءِ طلاق ٿي وئي. جنهن کانپوءِ گلبرگ بيگم همايون بادشاهه سان شادي ڪئي ۽ آخري دم تائين همايون سان گڏ رهي. گلبرگ بيگم جي قبر دهليءَ ۾ آهي.
مرزا شاهه حسن ارغون تخت تي ويهڻ شرط ڄام فيروز کي شڪست ڏئي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو، جنهن کي گجرات ۾ همايون بادشاهه جي فوج قتل ڪري ڇڏيو. 931هه/ 1524ع ۾ شاهه حسن ارغون ملتان فتح ڪيو ۽ بعد ۾ اُچ جي قلعي کي به فتح ڪيائين. همايون بادشاهه ڪافي عرصو اچي سنڌ ۾ رهيو. مرزا شاهه حسن ارغون 896هه/1491ع ۾ ڄائو. 66 سالن جي زندگيءَ مان 34 سال حڪومت ڪري 12 ربيع الاول 962هه/ 1555ع تي وفات ڪيائين. سندس لاش ٺٽي ۾ درياهه جي ڪناري تي مير احمد وليءَ جي حويليءَ ۾ امانت طور دفنايو ويو، جتان ٽن مهينن گذرڻ کانپوءِ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي هڪ عمارت تعمير ڪرائي اتي دفن ڪيو ويو. جتان وري ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ کڻائي وڃي مڪي معظمه ۾ سندس پيءُ شاهه بيگ ارغون جي ڀرسان اتر طرف کان دفن ڪيو ويو. سندس وفات تي ڪيترن ئي شاعرن قطعه تاريخون چيون جن مان قاسم ڪاهي هيٺين تاريخ چئي آهي:
چون شاهه حسن بادشھِ ارغوني،
زين بحر بر آمد چو، در مکنوني،
تاريخ وفاتش زخرد جستم، گفت:
دردا کھ، برون رفت ‘شه ارغوني’.
962 = 305 - 1267
ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ جي ٽين چوٿائي جي شروع ۾ ترڪي ٻيڙي جو اميرالبحر سيدي علي رئيس سنڌ ۽ هند ۾ پهتو، تڏهن شاهه حسن ارغون جي اوج جو ستارو غروب ٿي چڪو هو. علي رئيس، ماهه بيگم تي الزام هنيو آهي ته هن پنهنجي مڙس شاهه حسن ارغون کي زهر ڏنو هو ۽ عدت گذرڻ کانپوءِ ترت ميرزا عيسيٰ ترخان سان نڪاح ڪيائين. علي رئيس، شاهه حسن ارغون جي وفات جي تاريخ 9 جمادي الاول 962هه/ پهرين اپريل 1555ع بروز سومر ٻڌائي ٿو، جيڪا گهڻي ڀاڱي درست آهي.
شاهه حسن ارغون فارسي ٻوليءَ جو نهايت اعليٰ شاعر هو. هن کي جيڪا شجاعت ۽ بهادري سان مناسبت هئي، انهي ڪري هن پنهنجو تخلص ’سپاهي‘ رکيو. هن سنڌي ماڻهن سان جيڪي ظلم ڪيا، اهي مير معصوم ’تاريخ معصومي‘ ۾ تفصيل سان بيان ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو